آرسي رسالو

آرسي (رسالو): هيءُ ڪتابي سلسلو سنڌي ادب جي نامور اديبن ۽ عالمن پروفيسر ظفر حسن ۽ ولي رام ولڀ پاران 1983ع کان جاري ڪيو ويو هو. جنھن جو پورو نالو ’سھيوڳي ساهت ۽ ڪلا جي آرسي‘ هو. آرسي نالي هن ڪتابي سلسلي ۾ نون توڙي پراڻن اديبن جون ڪھاڻيون، شاعري، انٽرويو، سفرناما، ڪالم، آتم ڪھاڻيون، ليکڪن جا تعارف، انعام يافته ڪتابن جا وچور ۽ ان دور ۾ ڇپجندڙ ادب جي اڀياس تي مشتمل مواد شايع ڪيو ويندو هو. هن جا چئن کان وڌيڪ شمارا ڇپجي پڌرا ٿيا، جن ۾ اعليٰ درجي جو علمي ادبي مواد شامل هو. هن ڪتابي سلسلي سنڌ اندر شعوري ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ سميت نون لکندڙن لاءِ نوان موضوع نمايان ڪيا. رسالي ۾ شايع ٿيندڙ مواد معيار جي لحاظ کان پنھنجو مٽ پاڻ هو. هن ڪتابي سلسلي جي پھرين ڪڙيءَ ۾ ’شروعات‘ جي سري سان ظفر حسن ۽ ولي رام ولڀ لکن ٿا ته: اسان اظھار جي محدود دائرن کي ڪشادو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ’آرسي‘ جي هن فورم تي سڄاڻ ذهنن جي تخليقن کي نمايان طور پيش ڪري سگهجي. اسان انھن تخليقي صلاحيتن جا متلاشي آهيون، جيڪي لاڙن، سوچن، جديد فارمن ۽ ٽيڪنيڪن جا ڏس ڏين. هن ڪتابي سلسلي جي پھرين ڪڙي 300 صفحن تي مشتمل 1983ع ۾ ڇپي ۽ ٻي ڪڙي 300 صفحن تي، جڏهن ته ٽين ۽ چوٿين ڪڙي 303 صفحن تي مشتمل 1985ع ۾ شايع ٿيون، آرسي پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيل هن سلسلي جي هر ڪڙيءَ جي قيمت 25 روپيا ڄاڻايل آهي. هن سلسلي جي مختلف شمارن مان چونڊ ڪھاڻيون ظفر حسن ۽ ولي رام ولڀآرسي ڪھاڻيون“ جي نالي سان ڪتاب ترتيب ڏنو جيڪو 2013ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو